مخدوم عبدالغفور سيوستاني

مخدوم عبدالغفور سيوستاني : هي بزرگ ذات جو پنهور هو، جيڪو سيوهڻ جي عالمن مان هو. سيوهڻ ۾ اسلامي تعليم ڏيندو هو. سندس ڪافي شاگرد هئا، پنهنجي زماني جو وڏو بزرگ، عالم، فقيهه، محدث ۽ اهل الله هو. سيوهڻ مان هجرت ڪري وڃي ميرپور بٺوري ۾ ويٺو، جتي درس تدريس جو ڪم جاري رکيائين. کيس 10 ربيع الاول 1104هه/1692ع ڌاري هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو محمد هاشم رکيائين، جيڪو ابتدائي طور وٽس پڙهيو ۽ پوءِ مخدوم علامه محمد هاشم ٺٽويءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. روايتن ۾ آهي ته مخدوم عبدالغفور سيوستاني المعروف فقير الله علويءَ جو به استاد هو ۽ علوي صاحب مخدوم محمد هاشم ٺتويءَ کان به حديث، فقه، طريقت جي سلسلن، ذڪر، اذڪار وغيره ۾ به اجازت حاصل ڪئي هئي.


لفظ مخدوم عبدالغفور سيوستانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو